اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پوليو جي خلاف جنگ آخري مرحلي ۾ آهي ۽ حڪومت هي جنگ کٽڻ ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو کان محفوظ بڻائڻ جو پختو عزم ڪيو آهي. پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ??زي??اعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته پوليو وائرس کي اسان پنهنجي عوام ۽ پنهنجي گهرن ۾ نه اچڻ ڏينداسين ۽ مستقبل ۾ اسان جي ٻارن جي ز??دگ??ن ۾ پوليو جو خوف نه هوندو، صحت جي محافظن طرفان انتهائي محنت سان سڄي ملڪ ?? گهر گهر وڃي پوليو ويڪسين ٻارن کي پيارڻ تي انهن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا.