بيجنگ – 15 مئي (اي پي پي( وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ون بيلٽ ون روڊ ۽ چائنا پاڪستان اڪنامڪ ??وريڊرو (سي پيڪ) جا منصوبا گڏيل خوشحالي جي لاءِ آهن، جن سان انسانيت جي لاءِ هڪ نئين دور جو آغاز ٿ??ندو، غريب علائقن ۾ تر??ي ۽ خوشحالي ايندي. عالمي تعاون جي لاءِ ٻن ڏينهن جي بيلٽ اينڊ روڊ فارم جي حصي طور اڳواڻن جي گول ميز اجلاس جي ٻي سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سڄي ايشيا ۾ انفرااسٽرڪچر، صنعتي تعاون، ٽيڪنالاجي جي نئين پلي?? فارمز سان لاڳاپيل ڪم پهرين ئي شروع ٿي چڪو آهي ۽ دنيا جي ڪجهه گهٽ تر??ن تر??ي يافته علائقن جي لاءِ ماليت جي آمد شروع ٿي چڪي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه پاڻ ۾ مليل ملڪن ۽ خطن جي معاشي نظام ۽ گڏيل پاڙيسري جي ڪري آهي.