اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ناليواري فنڪار ۽ ڪاميڊين ع??ر شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ع??ر شريف جي لاڏاڻي سان فن جي دنيا جو هڪ سنهري باب بند ٿي ويو آهي، ع??ر شريف سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ??يو، ع??ر شريف ملڪ جو قيمتي اثاثو هو، سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڀرجي نه ٿو سگهجي. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته مرحوم جي فني ۽ ثقافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي، پونئيرن ۽ مداحن کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت جي لاءِ حوصلو ۽ همت ڏي.