اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صنعتي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت روزگار جي فراهم?? لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي اهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اها ڳالهه هن صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو ب??تي??ر سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ح??ومت جي مثبت پاليسين جي ڪري ڪورونا جي باوجود وڏي پئماني جي صنعت ۾ ترقي خوش آئنده اهي، صنعتن جي پنهنجي پوري صلاحيت تي هلڻ سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا ??هن. ملاقات ۾ ملڪي صنعتي ترقي ج?? لاءِ حڪومت جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ ڪراچي ۾ 1500 ايڪڙ تي ٻڌل صنعتي زون جي تعمير تي اڳڀرائي ۽ ايس ايم اي پاليسي با??ت پڻ بريفنگ ڏني وئي.