اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته موجوده بحران ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، افغانستان تائين پهچ جي لاءِ پاڪستان اهم لنگهه آهي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان ۾ ان??اني الميو پيدا نه ٿئي، پاڪستان ان??اني همدردي جي بنياد تي افغان عوام جي هر ممڪن مدد ڪندو، سوين صحافي ڪابل ۾ ڦاٿل هئا جن کي ڪابل مان ان??لا ۾ مدد فراهم ڪئي، پاڪستان ۽ ڪيوبا جي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي مل??ن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، پاڪستان ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي قومي نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسيناليٽينا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ هڪ اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي، ڪيوبا ۽ پاڪستان جي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي مل??ن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن ٻنهي خابرو ادارن کي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻئي مل?? هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي چڱي ريت سمجهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل اعتماد، احترام ۽ پراڻي دوستي تي ٻڌل آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ کي جديد دور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪيو ويو آهي. ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ افغانسان ۾ هيسائين پرڏيهي ميڊيا کي 250 ويزا ۽ 85 بارڊر ڪراسنگ اين او ??يز جاري ڪيون. هن چيو ته سوين صحافي ڪابل ۾ ڦاٿل هئا جن کي ان??لا ۾ مدد فراهم ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابل مان پرڏيهي ميڊيا جي ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ ڪابل ۾ موجود اسان جي سفارتي عملي اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، اسان جي انهن ڪوششن کي عالمي ميڊيا تي ساراهيو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ان??اني همدردي جي بنياد تي افغان عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، موجوده بحران ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن چيو ته افغانستان تائين پهچ جي لاءِ پاڪستان اهم لنگهه آهي. وزيراعظم جي هدايتن تحت حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت افغانستان مان پرڏيهي شهرين جي ان??لا ۾ ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن، هن وقت اسان جو هڪ سي ون ٿرٽي جهاز ڪابل ۾ موجود آهي. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان ۾ ان??اني الميو پيدا نه ٿئي. هن چيو ته اسان افغانستان جي عوام کي يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان انهن جي هر ممڪن مدد ڪندو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيروگونزيلز چيو ته جعلي نيوز جو مسئلو ڪيوبا کي پڻ درپيش آهي. اي پي پي سان خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ اطلاعات جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن ڪابل مان پرڏيهي شهرين جي ان??لا ۾ مدد ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيندي چيو ته افغان عوام جي لاءِ خوراڪ ۽ دوائن جو سلسلو شروع ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. مفاهمت جي ياداشت تي ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيروگونزيلز ۽ قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسن صحيحون ڪيون. ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.