اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن و??ري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ۽ آئي ووٽنگ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ڪومت جو انقلابي قدم آهي، ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ ٽيڪنالاجي ??و استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي، هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اسان چونڊن کي شفاف بڻائڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آهي، اسان وٽ جيئن ئي اليڪشن ٿئي ٿي ان تي اعتراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي ??ڪست تسليم نه ٿو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هنن اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي ??جلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي و??ري وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي و??ري وزارت جي ??فيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ منصفاڻي چونڊون منعقد ڪرائڻ موجوده حڪومت جي ??ولين ترجيح آهي، ان مقصد جي لاءِ ٽيڪنالاجي ??و استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ آئي ووٽنگ تحريڪ انصاف جي ??ڪومت جو چونڊ عم?? ۾ هڪ انقلابي قدم آهي، اي وي ايم جي ??ستعمال سان اليڪشن جي ??فافيت کي ممڪن بڻائي سگهبو. هن چيو ته 1970ع کان اڄ تائين ڪا اليڪشن اهڙي نه آهي جنهن ۾ ڌانڌلي جا الزام نه لڳا هجن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن بابت عوامي راءِ کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا ذريعي مهم شرو ڪندي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن و??ري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اسان چونڊن ۾ شفافيت آڻڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪامسيٽس ۽ ٻين ادارن جي ??ڻٿڪ محنت جي نتيجي ۾ اڄ اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو هڪ انقلابي قدم کڻڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کان 5 ڀيرا وڌيڪ آبادي و??ري پاڙيسري ملڪ پنهنجي چونڊن کي اي وي ايم ذريعي قابل قبول بڻايو آهي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته اسان وٽ جيئن ئي اليڪشن ٿئي ٿي ان تي اعتراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي ??ڪست تسليم نه ٿو ڪري. هن چيو ته هن وقت اسان هڪ اهڙي مرحلي ۾ بيٺل آهي??ن جتي ٻن سالن کانپوءِ اليڪشن ٿيڻي آهي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ جي ??ڪومت اهم قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ان کان اڳ اي وي ايم جي ??والي سان سڌوسنئون ٽيڪنالاجي ??ي استعمال جي ??جازت ته هئي پر اليڪشن ڪميشن کي اختيار نه ڏنو ويو هو. اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي ??جلاس ۾ ڪابينا جي فيصلي تحت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ آئي ووٽنگ کي حتمي شڪل ڏيڻ بابت غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيوويو ته نادرا ڪميٽي کي آئي ووٽنگ بابت بريفنگ ڏيندي جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي و??ري وزارت جي ڪنسلٽنٽ جي ??پورٽ جي ??وشني ۾ کنيل قدمن سان گڏوگڏ نادرا جي ??سٽمز جي ??پ گريڊيشن تي ڪميٽي کي اگاهه ڪيو ويندو. ان کانسواءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي و??ري وزارت اي وي ايم کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ هن ئي هفتي ڪميٽي جو خاص اجلاس گهرائيندي ته جيئن ڪابينا جي فيصلي تي عم??درآمد ممڪن بڻائي سگهجي. اي وي ايم کي مختلف باڊيز جي ??ليڪشن ۾ آزمائش طور استعمال ۾ آڻڻ جي ??جويز تي پڻ غور ڪيو ويو جڏهن ته حتمي فيصلو ڪميٽي جي ??جلاس ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ته وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن خاص طور تي اي وي ايم متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت هدايت ڪئي آهي ته اي وي ايم بابت عوامي راءِ جي لاءِ متحرڪ مهم شروع ڪئي وڃي. ڪابينا وڌيڪ هدايت ڪئي ته حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ اي وي ايم جي ماڊل کي پڻ شامل ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا 18 مئي 2021ع تي منعقد ٿيندڙ پنهنجي ??جلاس ۾ اي وي ايم متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي و??ري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن و??ري وفاقي وزير ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن و??ري صلاحڪار تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي هئي. ان کانسواءِ ڪابينا 9 مارچ 2021ع تي پنهنجي ??جلاس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن و??ري صلاحڪار کي هدايت ڪئي هئي ته چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ چونڊ سڌارن بابت ٿيندڙ اڳڀرائي بابت ڪابينا جي هر اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وڃي. پارلياماني معاملن و??ري صلاحڪار ڄاڻايل نقطن تي وفاقي ڪابينا جي هر اجلاس ۾ بريفنگ ڏني. ان کانسواءِ 31 مئي 2021ع تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي و??ري وزارت ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو هو ته مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ اي وي ايم جو ماڊل مظاهري جي لاءِ 17 جولاءِ 2021ع تائين ڪسميٽس، اين آئي اي ۽ نسٽ جي ??ريعي تيار ڪيو ويندو.