اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان ??را??ي نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ – 2 (ڪي – 2) جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ??را??ي ۽ بيجنگ ۾ پاور پلانٽ جي افتتاح جي تقريبن جو ورچوئل انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ وزيراع??م عمران خان اسلام آباد مان شرڪت ڪئي، تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز، توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، وفاقي وزير حماد اظهر، ايٽامڪ انرجي ڪميشن جو چيئرمين محمد نعيم ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ايٽامڪ انرجي ڪميشن جي چيئرمين وزيراع??م عمران خان جو تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ تي ??ورو ادا ڪيو. انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروزي به تقريب کي ورچوئل خطاب ڪيو ۽ پاڪستان جي پرامن مقصدن لاءِ ايٽمي توانائي جي استعمال کي ساراهيو ۽ ان کي محفوظ ۽ ماحول دوست قرار ??نو. چائنا ايٽامڪ انرجي اٿارٽي جي چيئرمين پاڪ چين سفارتي ??اڳاپن جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏيندي ان منصوبي کي پاڪ چين دوستي جو مظهر قرار ??نو ۽ چيو ته چين پاڪستان سان تعاون جاري رکندو، ڊي جي ايس پي ڊي ۽ لاڳاپيل عملدار به ان موقعي تي ??وجود هئا. ڪي ٽو نيوڪليئر پاور پلانٽ جديد ترين نوعيت جو جنريشن ٿري جو نيوڪليئر پاور پلانٽ آهي جيڪو حفاظت ۽ سيفٽي جي جديد ترين انتظامن سان ليس آهي، ان ۾ اندروني ۽ ٻاهرين تحفظ ۽ حادثن کان بچاءُ کانسواءِ ايمرجنسي جي صورت ۾ بچاءُ ۽ ازالي جي جديد ترين سهولتون شامل آهن.