اسلام آباد – 30 آگسٽ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بهادر ڪشميري بدترين ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف مهاڏو اٽڪائي بي??ل آهن، کين ڪربلا مان رهنمائي حاصل ڪندي ثابت قدم رهڻ گهرجي ڇو ته ظلم ۽ ناانصافي جي خلاف سندن جدوجهد ڪامياب ٿيندي ۽ اهو ئي شهيداءِ ڪربلا اسان کي ڏيکاريو آهي، سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر ۾ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته حضرت امام حسين عه، سندس گهرڀاتي ۽ ساٿين جي قرباني ا??ان کي ٽ?? پيغام ڏنا آهن.