اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شهيد اعتزاز حسن بي مثال بهادري جو مظاهرو ڪري پنهنجي اسڪول ۽ ڪلاس فيلورز کي دهشتگرد حملي کان بچائيندي پنهنجي جان قربان ڪئي، ا??تزاز جي ميراث ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد اعتزاز جي ورسيءَ جي موقعي تي چيو ته اڄ اسان خيبرپختونخواهه جي ضلعي هنگو سان تع??ق رکندڙ پاڪ مٽيءَ جي فر??ند شهيد اعتزاز حسن جي شهادت کي ياد ڪري ڏکويل آهيون جنهن جي غيرمعمولي جرئت اسان جي لاءِ اميد جو ڏيئو ??هي. وزيراعظم چيو ته رڳو 15 سالن جي عمر ۾ اعتزاز بي مثال بهادري جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي اسڪول ۽ ڪلاس فيلوز کي دهشتگرد حملي کان بچائيندي پنهنجي جان قربان ڪئي. هن چيو ته اعتزاز جو بي لوث ۽ پختو عزم اسان کي ياد ڏياري ٿو ته همت ۽ بهادري جو هڪ عمل ڪيترين ئي زندگين کي بچائي سگهي ٿو، ا??تزاز جي ميراث ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه ??هي.