راولپنڊي-05 ڊسمبر (اي پي پي) اينٽي نارڪو ٽڪس (اي اين ايف) منشيات اسمگلنگ خلاف تعليمي ادارن ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جار?? ڪريڪ ڊائون دوران وڌيڪ چئن ڪارراوي?? جي نتيجي ۾ 4 جوابدار گرفتار ٿيا، اي اين ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مان جاري ڪيل تفصيلن موجب ڪاررواين دوران 20 لک روپين کان وڌيڪ جي ماليت جي 16.7 ڪلوگرام ??نشيات ۽ 23 ل??ٽر شراب هٿ ڪيو ويو، ٽنڊو ڄام ??ونيورسٽي وي??هو جوابدار?? جي قبضي مان 5 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته حيدرآباد ۾ هڪ ٻي يونيورسٽي وي??هو جوابدارن وٽان 2 ڪلو چرس ۽ 23 ل??ٽر شراب هٿ ڪيو ويو. ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن تعليمي ادار?? جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، ٻين ڪاررواين دوران سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ وٽان بحرين ويندڙ مسافر وٽان 2.5 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪئي وئي، هوڏانهن راءِ ونڊ روڊ قصور وي??هو رڪشا ۾ لڪايل 7.2 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، اي اين ايف جي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات جي روڪٿام ??اري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.