لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ورڪنگ وومن
جي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار کي ساراهيندي ان عزم کي ورجايو
ته پاڪستان ۾ عورتن کي ملڪ جي ترقي ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽ ڪردار ادا
ڪرڻ لاءِ ب??اب??ي جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. وزير??عظ?? آفيس جي
ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ورڪنگ وومن جي قومي ڏين??ن جي موقعي
تي پنهنجي پيغام ۾ وزير??عظ?? چيو ته ورڪنگ وومن جي قومي ڏينهن تي اسان
پنهنجي معاشري جي تعمير ۽ ملڪ جي معاشي ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان
جي عورتن جي اهم ڪردار ۽ حصيداري کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
عورتون اسان جي آبادي جو اڌ کان وڌيڪ حصو آهن، اسان جي ملڪ جي
مستقبل جي جوڙجڪ ۾ عورتون مک ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. جيئن ته
اسان جي قوم جي باني قائد??عظ?? محمد علي جناح صحيح فرمايو هو ته ڪا به
قوم ان وقت تائين عظمت جي بلندين تي نٿي پهچي سگهي جيستائين اوهان جون
عورتون اوهان سان گڏ ڪل??و ڪلهي ۾ ملائي نٿيون هلن. اڄ اسان هن عزم کي
ورجايون ٿا ته پاڪستان ۾ عورتن کي ملڪ جي ترقي ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽
ڪردار ادا ڪرڻ جا ب??اب?? جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. وزير??عظ?? چيو ته
عورتون تعليم ۽ صحت جي سارسنڀال کان وٺي ڪاروبار ۽ عوامي خدمتن تائين
مختلف شعبن ۾ قائداڻي عهدن تي نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن.
عورتن جون خدمتون پيشيوراڻي ميدان کانسواءِ خاندانن جي پرورش ۽ ايندڙ نسلن
کي پرگهور جي حوالي سان به اڳيان آهن. وزير??عظ?? چيو ته عورتن جي اهم
ڪردار کي تسليم ڪندي حڪومت ڪم ڪندڙ عورتن جي مدد لاءِ ڪيترائي قدم
کنيا آهن، جنهن ۾ عورتن ۾ ڪاروباري صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ نوجوانن کي بنا
وياج قرضن جي فراهمي، عورتن جي تعليم ۽ راندين جي ترقي لاءِ انڊومنٽ فنڊ
جو قيام شامل آهن، عورتن کي ٻٽي ذميوارين ۾ انهن کي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ
ادارن ۾ ڊي ڪيئر مرڪزن جو قيام به هر اداري لاءِ لازم قر??ر ڏنو ويو آهي.
وزير??عظ?? چيو ته اسان عورتن جي مهارت ۽ قابليت کي وڌائڻ لاءِ خصوصي
تربيتي پروگرام به شروع ڪيا آهن ته جيئن انهن کي بااختيار بڻائي سگهجي ۽
هو سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ اعليٰ عهدن تائين پهچي سگهن. وزير??عظ??
چيو ته اسان جي حڪومت هڪ اهڙي مستقبل لاءِ ڪم ڪري رهي آهي جتي
عورتن لاءِ اعليٰ عهدن تائين پهچڻ معمول هجي. وزير??عظ?? چيو ته اچو اسان
ڪندڙ عورتن کي درپيش چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۽ عورتن لاءِ ڪم جو اهڙو
ماحول فراهم ڪرڻ جو وچن ڪريون جتي اهي ترقي ڪري سگهن. ان??ن جي
صلاحيتن کي ڪتب آڻي اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهون ٿا ته عورتون
پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون رهنديون. ا