اسلام آباد _ 08 نومبر (اي پي پي) مفڪر پاڪستان، شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جو جنم ڏينهن 9 نومبر ڇنڇر تي سڄي ملڪ ۾ ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو، علامه اقبال 9 نومبر 1877ع ۾ سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو، ان موقعي تي سڄي مُلڪ ۾ ڊويزنل، ضلعي، سٽي هيڊ ڪوارٽرز سطح تي مختلف تنظيمن نظريه پاڪستان فائونڊيشن، تحريڪ پاڪستان ورڪر?? ٽرسٽ، علامه اقبال لورز فيڊريشن، اقبال اڪيڊمي ۽ مختلف تنظيمن جي انتظام هيٺ خاص تقريبون، سيمينارز، ڪانفرنسز، مذاڪرا، بحث، تقريري مقابلا، بيت با??ي جا پروگرام من??قد ڪيا ويندا?? جن ۾ فلسفي شاعر جي تحريڪ پاڪستان ۽ مسلمان امت لاءِ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. اقبال ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب فلسفي شاعر جي مزار تي من??قد ٿيندي جتي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو ۽ ڪيڊٽس جي تبديلي به ٿيندي. ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا خاص پروگرام نشر ڪندو جڏ??ن ته پرنٽ ميڊيا ۾ پڻ خاص مضمون شايع ڪيا ويندا.