اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو خاص اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صنعتن ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس خان ل??اري، منصوبا بندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ (آن ل??ئن شرڪت) کان علاوه لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اي سي سي گذريل فيصلن تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جن جو تعلق ماليات، گهرو، صنعت ۽ پيداوار، بين الصوبائي هم آ??نگي، هائوسنگ ۽ اڏاوتي، خوراڪ ۽ ت??فظ ۽ ت??قيق، توانائي، قومي صحت جي خدمتن، قاعدن ۽ ضابطن ۽ هم آ??نگي سان ل??ڳاپيل معاملن سان هو. اي سي سي کي گذريل فيصلن تي عملدرآمد جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن کانپوءِ لاڳاپيل وزارتن انهن مسئلن تي ڌار ڌار پريزينٽيشن ڏنيون جيڪي سندن وٽ التوا هيٺ هيون ۽ انهن جي حل لاءِ کنيل قدمن ۽ گهربل قدمن تي روشني وڌي. اي سي سي پنهنجي فيصلن کي لاڳو ڪرڻ ۾ دير تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي هم آ??نگي کي بهتر بڻائين ۽ ڌُرين، وزارتن ۽ ڊويزنن سان هڪ مناسب مڪينزم ذريعي فعال طور ڪم ڪن ته جيئن اي سي سي جي فيصلن تي وقت سر عملدرامد ۽ ڏنل ڪمن ۽ ذميدارين جي پڄاڻيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي.