اسل??م آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ سينيئر سياستدان الاهي بخش سومرو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم الاهي بخش سومري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طور پنهنجون ذميواريون انتهائي بهتر طريقي سان سرانجام ڏنيون. وزيراعظم چيو ته سندس لاڏاڻي سان پاڪستان جي سياست هڪ مدبر ۽ ڏا??ي سياستدان کان محروم ٿي وئي. پاڪستان جي لاءِ سندس خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون.