اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي سبب ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت طرفان ايران جي عوام ۽ حڪومت لاءِ همدردي ۽ يڪجهتي جو پيغام ڏنو. وزيراعظم فوت ٿيل ماڻهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم حادثي ۾ زخمي ??يلن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ چيو ته ڏک ??ي هن گهڙي ۾ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون. ٻئي پاسي وزيراعظم محمد شهباز شريف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ايراني صدر ۽ ايران جي عوام سان ايران ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي سبب ٿيل قيمتي جانين جي نقصان ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ??يڻ تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان جون همدرديون ۽ دعائون متاثڙ ماڻهن جي وارثن سان آهن. پاڪستان مشڪل ??ي هن گهڙي ۾ پنهنجي ايراني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي.