اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آه?? ته وفاقي حڪومت پاڻي وسيلن جي تح??ظ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آه??، ڪنهن به صوبي سان ڪا ناانصافي نه ٿيڻ ڏبي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ پ پ جي پارلياماني ليڊر سينيٽر شيري رحمان جي ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ ڄاڻايل تبديلين خلاف ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته سمورن صوبن جو ڪيس منهنجو ڪيس آه??، اسان گڏيل طور تي اهڙو قانون بڻائينداسين جنهن سان سمورن صوبن کي فائدو پهچي. هن چيو ته ارسا جي حوالي سان جيڪي به قدم کڻنداسين، ان حوالي سان سمورن صوبن ۽ شراڪتدارن سان مشاورت ڪئي ويندي. ارسا طرفان جيڪي دستاويز مون وٽ آيا آه?? انهن ۾ سمورن صوبن جي ميمبرن جون صحيحون آه??، ان ۾ سنڌ جي ميمبرن جون به صحيحون آه??. وفاقي وزير چيو ته سنڌ جو ذڪر ٿئي ٿو ته مون کي لڳي ٿو منهنجو ذڪر ٿي رهيو آه??، سنڌ، پنجاب سڀني صوبن جو مسئلو، پاڪستان جو مسئلو آه??، جيڪڏهن ڪنهن صوبي کي اعتراض آه?? ته ائين نه ٿيندو، هڪ اهڙي شيءِ جيڪا اڃا آئي ئي ناهي ان تي ڳالهه ٿي رهي آه??، اسان سڀني سان گڏجي هلنداسين. پاڻي وسيلن جي ورهاست سائنسي بنيادن تي ڪئي ويندي، پاڻي جي ورهاست جو معاملو جيڪڏهن پارليامان کان ٻاهر ٿيندو ته هميشه لاءِ هوندو. هن چيو ته هلندڙ سال 6 مهينن ۾ 18.8 ملين ايڪڙ پاڻي ڪوٽڙي دريا مان سمنڊ ۾ ويو، هر سال ڪيترائي ڀيرا واڌو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي رهيو آه??، پاڻيءَ جي مقدار وڌڻ سان زمين ۾ نمڪيات وڌي وڃي ٿي. ان کان پوءِ ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس تي پنهنجو خيالن جو اظه??ر ڪندي سينيٽر شيري رحمان چيو ته ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ ڄاڻايل تبديلين ذريعي سنڌ طاس معاهدي تي حملو ڪيو ويو آه??، ڪوٽڙي ??ئر??ج ۾ پاڻي جو مقدار انتهائي گهٽ نظر اچي ٿو، پاڻي جي منصفاڻي وِرڇ وفاق جي ذميواري آه??. هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ نگران دؤر ۾ به تبديلين جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي محرومين کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، سمجهه ۾ نٿو اچي ائين ڇو ٿو ڪيو وڃي، عوام پهريان ئي بلن جي چَڪيءَ ۾ پسجي رهي آه??، ڪوٽڙي ??ئر??ج تي پاڻي ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي آئي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ان خلاف ٺهراءُ آندو ويو آه??، پهريان ئي بلوچستان ۾ احساس محرومي آه??، سنڌ سان ائين نه ڪيو وڃي. سينيٽر ضمير حسين گهمرو چيو ته ڄام صادق جي دؤر ۾ پاڻيءَ جو مسئلو سامهون آيو، پاڻيءَ تي صرف هڪ صوبي جو ڪنٽرول آه??، واپڊا پنهنجون ذميداريون نڀائڻ ۾ ناڪام رهي، ارسا ايڪٽ تحت پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ هوندو آه??. هن چيو ته ارسا ايڪٽ کي نگران حڪومت ۾ پهرين آرڊيننس ذريعي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ارسا ايڪٽ سان ڇيڙڇ??ر ڪئي پئي وڃي، ارسا ايڪٽ تي عمل ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.