لاهور- 06 سيپٽمبر(اي پي پي) پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته يوم دفاع پ??ڪس??ان کي يوم وفا عزم وطن طور ملهائڻ گهرجي، زنده قومون پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي هميشه ياد رکنديون آهن، ملڪ جو دفاع ??ضب??ط هٿن ۾ آهي. اهڙو اظهار هن يوم دفاع جي موقعي تي ڪيپٽن سرور شهيد نشان حيدر جي يادگار ??نگهوري سرور شهيد گوجر خان ۾ هڪ پروقار ??قريب ۾ ڪيو . تقريب ۾ سياسي ، سماجي ۽ ادبي شخصيتن سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ راجا پرويز اشرف يادگار ??ي گلن جي چادر ??اڙ??ي. ان موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 06 سيپٽمبر تي اسان جي فوج دشمنن جو مقابلو ڪري انهن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ، دهشتگردي ۽ انتها پسندي خلاف فوج ۽ عوام جو اتحاد وسارڻ جوڳو ناهي . هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جو دفاع ??ضب??ط هٿن ۾ آهي اڄ پوري قوم فوج سان گڏ آهي. اڄ جو ڏينهن اسان جي محسنن جي قربانين کي ياد ڪرڻ ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ آهي .اسان کي پنهجي بهادر پٽن تي ناز آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي قوم ڪشمير ڪاز ۽ ولاريل وادي جي ڪشميرين سان گڏ آهي . پر امن بقاءَ تحت سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپا چاهيون ٿا . قائد اعظم جي اصولن ۽ قاعد عوام جي ويزن سان اسان سڀ اڳيان وڌي سگهون ٿا.