اسلام آباد-02 سيپٽمبر (اي پ?? پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ۽ برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. سومر ڏينهن پي پ?? پي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سرفراز بگٽي بلوچستان جي سياسي صورتحال ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ۽ ان ضابطو آڻڻ جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن بلوچستان ۾ برساتن کانپوءِ جي ٻوڏ جي صورتحال ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي قدمن بابت به آگاهه ڪيو. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري سان پي پ?? پي پ?? جي سيڪريٽري جنرل نئير حسين بخاري، پ پ پ جي انساني حقن بابت ڪميٽي ج?? صدر فرحت الله بابر ۽ پ پ پ پ سينٽرل پنجاب ج?? صدر راجا پرويز اش??ف زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي، مُلاقات ۾ سياسي ۽ تنظيمي صورتحال ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اش??ف، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي پ??جاب جي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال ??ي بريفنگ ڏني.