پشاور-21 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايران جي شهر يزد ۾ پاڪستاني زائرين جي بس کي پيش آيل حادثي تي ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته متاثرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي، جنهن تي ايران ۾ موجود سفير گورنر کي متاث??ن جي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائ?? آهي. ٻئي پاسي گورنر متاثر خاندانن کي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته حادثي وارو هنڌ قونصل خاني کان 9 سئو ڪلوميٽر پر?? آهي، پاڪستاني سفير پاڻ امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي، يزد ۾ پاڪستاني زائرين جي شهادت افسوسناڪ آهي، صدر آصف علي زرداري ان حوالي سان انتهائي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ صدر پاڪستان سنڌ حڪومت کي حادثي متاث??ن جي وارثن سان فوري رابطو ڪرڻ جون هدايتون جاري ??يو?? آهن. متاث??ن جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي، انهن جي وارثن کي ڀرپور حڪومتي تعاون فراهم ڪيو ويندو. گورنر چيو ته بس حادثي جي شهيدن جا مڙهه حاصل ڪرڻ لاءِ صدر زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خصوصي هدايتون جاري ??يو?? آهن ۽ بس حادثي تي بلاول ڀٽو زرداري فوري طور تي ايراني عملدارن سان پڻ رابطو ڪيو آهي. هن ايراني عملدارن طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري کي به سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.