ڪراچي – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جا وسيع موقعا موجود آهن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ممڪن آهي، پاڪستان حڪومت آبادگارن ۽ برآمد ڪندڙ?? کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، وفاق ۽ صوب?? کي گڏجي زرعي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو آهي، ايندڙ سال جي لاءِ زرعي روانگي واپار جو هدف 7 ارب ڊالر هجڻ گهرجي، هر سال هڪ هزار گريجوئيٽس کي زرعي تربيت جي لاءِ چين موڪليو ويندو، ارشد ??دي?? اولمپڪس ۾ سون جو تمغو کٽي ملڪ جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو، وطن واپسي تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻي عالمي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر نمائش جي ا??تتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، واپارو وارو وف??قي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي وارو وف??قي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار وارو وف??قي وزير راڻا تنوير حسين، مواصلات وارو وف??قي وزير عبدالعليم خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ، جهاز راني ۽ بندرگاهن وارو وف??قي وزير قيصر احمد شيخ ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وف??قي وزير خالد مقبول صديقي پڻ موجود هئا. وزيراعظم تقريب کي خطاب جي شروع ۾ ارشد ??دي?? کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان پنهنجي هيرو ارشد ??دي?? کي ا??لمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، 40 سالن کانپوءِ پاڪستان سون جو تمغو حاصل ڪيو آهي، هي اسان جي لاءِ هڪ انتهائي ا??م لمحو ۽ وڏو اعزاز آهي، ارشد ??دي?? سون جو تمغو حاصل ڪري پاڪستان جي لاءِ تمام وڏو تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي ۽ ملڪ جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو آهي. اسا?? کي هاڻي ڪرڪيٽ ۽ هاڪيءَ سميت ٻين را??دي?? ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي، ارشد ??دي?? جي ڪاميابي تي ا??له تعاليٰ جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. ان جي ڪاميابي سان اسا?? کي هڪ اميد ۽ حوصلو مليو آهي، زندگي چئلينجن سان ڀرپور آهي پر جيڪڏهن اسان همت ڪريون ته ڪجهه به ناممڪن نه آهي. ارشد ??دي?? جو پاڪستان اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويندو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جي زرعي مصنوعات جو روانگي واپار 3 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، ايندڙ سال جي لاءِ زرعي روانگي واپار جو هدف 7 ارب ڊالر هجڻ گهرجي، پاڪستان ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي، روانگي واپار جي اضافي تي برآمد ڪندڙن ۽ لاڳاپيل عملدار?? کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اسا?? کي پنهنجي في ا??ڪڙ پيداوار ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻو آهي ۽ ان جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ طريق?? کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، وفاق ۽ صوب?? کي گڏجي زرعي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو آهي، زرعي ماهرن جي خدمتن سان زرعي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ طرف ڌيان وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ممڪن آهي، پاڪستان ۾ زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جا وسيع موقعا موجود آهن، اسا?? کي زرعي مصنوعات جي ويليو ايڊيشن طرف وڃڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن لاءِ ڳوٺاڻي علائقن ۾ قرضن جي فراهمي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اسان جا ڳوٺاڻا علائقا ترقي ڪندا ته ان سان ملڪ ترقي ڪندو، جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ ترقي جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ممڪن آهي. چين زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪري ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان حڪومت برآمد ڪندڙن ۽ آبادگار?? کي هر قسم جو تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ڳوٺاڻي علائقن ۾ آبادگار?? کي قرضن جي فراهمي سان پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته چين جي دوري دوران مون جديد ترين مرڪز جو دورو ڪيو، جتي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ئي ترقي کي يقيني بڻايو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. بلوچستان ۾ بجلي تي هلندڙ 28 هزار ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ ??ي منظوري ڏني وئي آهي. وف??قي حڪومت هڪ هزار شاگرد?? کي جديد زرعي تربيت جي لاءِ چين موڪليندي. حڪومت آبادگارن ۽ برآمد ڪندڙ?? کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. جانورن جي نشونما جي شعبي ۾ به چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا سعودي عرب، يو اي ا??، قطر، ڪويت ۽ ترڪيه سان منفرد لاڳاپا آهن. نار ملڪن سان نه رڳو روانگي واپار، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ تعاو?? کي فروغ ڏئي سگهون ٿا پر گڏيل زرعي منصوبا شروع ڪري سگهجن ٿا. جيڪڏهن اسان محنت ڪريون ته هر مشڪل آسان ٿي سگهي ٿي. بعد ۾ وزيراعظم ٻي عالمي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ مختلف اسٽالز جو معائنو ڪيو، وزيراعظم کي اسٽالز بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ هن دنيا ??ي مختلف ملڪن مان آيل نمائندن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي. وزيراعظم زرعي شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي برآمد ڪندڙ?? کي ايوارڊز پڻ ڏنا. تقريب کي واپار واري وف??قي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف چيئرمين جي چيف ايگزيڪيوٽو زبير موتي والا پڻ خطاب ڪيو.