اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) جشن آزادي جي سلسلي ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) مسافرن جي ٽڪيٽن ۾ رعايت جو اعلان ڪيوآهي، پي آءِ اي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب پي آءِ اي ملڪ اندر هلندڙ اڏامن ذريعي سفر لاءِ ٽڪيٽن تي 14 سي??ڙو رعايت ڏيڻ ??و اعلان ڪيو آهي. مسافر فوري طور تي رعايتي ٽڪيٽ خريد ڪري سگهن ٿا. ترجمان چيو ته رعايتي ٽڪيٽ 14 آگسٽ جي سفر لاءِ موثر هوندي. هن وڌيڪ چيو ته ٽورنٽو مان پاڪستان لاءِ پڻ ٽڪيٽ ۾ 14 سي??ڙو رعايت جو اعلان ڪيو ويو آهي، 14 آگسٽ تي خريد ڪيل ٽڪيٽ تي 14 نومبر ??ائ??ن سفر ڪري سگهجي ٿو.