دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي زور ڏنو آهي ته ٻطرفن لاڳاپن ۾ ب??تر?? سان گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي موقعن جا نوان رستا کلندا. ٻنهي ا??واڻن غزه ۾ وڌيڪ انساني زندگين جي زيان کي روڪڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. سر??ار?? آجياڻي واري تقريب قصر ملت ۾ منعقد ٿي. قصر ملت پهچڻ تي تاجڪستان جي صدر وزيراعظم جو استقبال ڪيو ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. آجياڻي واري تقريب کانپوءِ نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ا??واڻن ٻطرفي تعاون جي وسيع تر معاملن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ا??واڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪي گڏيل ??ار??خ، ثقافت، جاگرافيائي مناسبت ۽ گڏيل عقيدي تي ٻڌل آهن. ٻنهي ا??واڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن بشمول واپار ۽ معيشت، سيڙپ??ار??، رابطن، ثقافت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، دفاع، انساني امداد، پارلياماني مٽاسٽا ۽ عوام جي سطح تي رابطن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
هن موجوده ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان تاجڪستان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ا??واڻن اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون
جيڪو ٻطرفن لاڳاپن کي ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ حصيداري جي سطح تي وٺي ويندو. ٻنهي ا??واڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻطرفن لاڳاپن ۾ ب??تر?? سان گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي موقعن جا نوان رستا کلندا. ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ جامع بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين هوابازي، سفارت??ار??، تعليم، راندين، عوام سان عوام جي رابطن، صنعتي تعاون، سياحت وغيره جي شعبن ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.
وزيراعظم تاجڪستان جي صدر کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال ۽ آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڀارتي حڪومت جي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو. ٻنهي ا??واڻن غزه ۾ جاري صورتحال تي پڻ پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو جتي اسرائيلي ظلمن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت هزارين بيگناهه فلسطينين جون جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ٻنهي ا??واڻن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها تشدد جي خاتمي ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي ٻيڻو ڪري.
وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي صدر جي دعوت تي تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سر??ار?? دوري تي آهي. اهو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ گهڻ رخي لاڳاپن کي ا??ئين سطح تي وٺي وڃڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. ان کان اڳ دوشنبي جي عالمي هوائي ا??ي تي پهچڻ تي تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني اهي. وزيراعظم تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ قصر ملت کانسواءِ اسماعيل ساماني جي يادگار ۽ قصر نوروز جو دورو پڻ ڪيو.