اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪر?? جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا، پوليو جي خاتمي جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گيٽس فائونڊيشن جي سربراهه بل گيٽس ملاقات ڪئي. بل گيٽس وزيراعظم جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم جي هن سال رياض ۾ ٿيندڙ اجلاس جي موقعي تي بل گيٽس سان پنهنجي ملاقات دوران کيس پاڪستان جو دورو ڪر?? جي دعوت ڏني هئي. وزيراعظم شهباز شريف بل گيٽس کي معاشي استحڪام حاصل ڪر?? جي لاءِ ڊيجيٽل مالياتي خدمتن ۾ اهم اڳڀرائي، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ بهتري، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان موافقت ?? پوليو جي خاتمي جي حڪومتي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم معيشت کي ڊيجيٽائيز ڪر?? جي حوالي سان پاڪستان حڪومت جي قدمن جي لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن چي?? ته پوري حڪومتي ڍانچي جي هڪ ڊيجيٽلائيزڊ ايڪو سسٽم جي نتيجي ۾ اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ حڪومت عوامي ڀلائي جي اسڪيمن تي وڌيڪ خرچ ڪر?? جي قابل ٿيندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته پاڪستان حڪومت ۽ گيٽس فائونڊيشن ٻنهي جا ڪيترائي هدف آهن جن ۾ صنفي فرق کي ختم ڪر??، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ اضافي، غذائي تحفظ کي بهتر بڻائڻ، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان موافقت ?? مالياتي شموليت شامل آهي. وزيراعظم گيٽس کي مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي ۽ درپيش چئلينجن کان آگاهه ڪيو. پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي لاءِ سڀ کان وڏو عطيو ڏيڻ تي گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم پوليو وائرس جي وڌندڙ انفيڪشن جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ جامع حڪمت عملي ۽ پاڪستان ۾ ان بيماري کي مڪمل طور تي ختم ڪر?? جي لاءِ گهربل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن پوليو جي خاتمي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چي?? ته ملڪ مان پوليو جو خاتمو حڪومت اولين ترجيح آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪر?? جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وزيراعظم چي?? ته جيستائين ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين ان حوالي سان قومي سطح تي ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. بل گيٽس ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي حوالي سان مسلسل لگن ۽ ذاتي دلچسپي جي لاءِ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان يقين جو پڻ اظهار ڪي?? ته مسلسل ويڪسينيشن ۽ حڪومت جي پختي عزم سان پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ بهتري ايندي. بل گيٽس ڊيٽا سائنس ٽولز ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي کي پاڪستانين جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اهم وسيلا قرار ڏنو. ٻنهي ڌرين نه رڳو پوليو جي خاتمي پر سمورن صوبن ۾ صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ سمورن پاڪستانين خاص طور تي عورتن جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.