اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پاڪستان جي خلاف ??ار??ي قيادت جي جارحاڻي بيان بازي کي علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏيندي عالمي برادري کان ان جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ??ار??ي سياستدان چونڊ مقصدن جي لاءِ پنهنجي ملڪي سياست ۾ پاڪستان کي گهيلڻ بند ڪن ۽ حساس اسٽريٽجڪ معاملن تي ذميواري جو مظاهرو ڪن. ??ار??ي وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ ڪابينا جي ٻين ميمبرن پاران تازو ئي ??اڪستان بابت بيانن جي سلسلي ۾ ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ??ار??ي لوڪ سڀا جي چونڊ مهم دوران مختلف اڳواڻن پاران پاڪستان مخالف بيان بازي ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي، اسان انهن غيرذميواراڻي بيانن کي رد ڪريون ٿا، ??يڪ?? ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن، ٻطرفن لاڳاپن جي حالت ۽ ائٽمي صلاحيتن سميت ڪيترن ئي ??ين معاملن بابت آهن. ترجمان چيو ته افسوس سان اهڙي طرح قسم جا پاڪستان مخالف بيان اتي چونڊ مقصدن جي لاءِ هائپر نيشنلزم جو فائدو کڻڻ ۽ وڌندڙ ملڪي ۽ عالمي تنقيد تان ڌيان هٽائڻ جي هڪ مايوس ڪندڙ ڪوشش جي عڪاسي ڪن ٿا، ??ار??ي ليڊرن جو طرزعمل هڪ غيرسنجيده ۽ انتهاپسند ذهنيت کي بي نقاب ڪري ٿو، ان زهنيت سان ??ار?? جي تذويراتي صلاحيت جي حوالي سان ان جي ذميواري تي سواليه نشان اٿاري ٿي، ٻئي طرف پاڪستان جي اسٽريٽجڪ صلاحيت جو مقصد پنهنجي خودمختياري جو تحفظ ۽ پنهنجي علائقائي سالميت جو دفاع ڪرڻ آهي. پاڪستان ماضي ۾ به پنهنجي دفاع جي عزم جو واضح طور تي مظاهرو ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ??ار?? پاران ڪنهن به قسم جي حرڪت ڪئي ??ئي ته مستقبل ۾ به ائين ڪرڻ سان پاسو نه ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته رڳو ڪجهه ??هينا اڳ اسان پاڪستاني سرزمين تي ??ار?? جي عدالت کان مٿانهين ۽ عالمي قتل جي مهم جي تفصيلن کي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان جي اندر جارحاڻي ڪاررواين جي لاءِ پنهنجي تياري تي ??ار?? جو مسلسل زور جرم جو اعتراف آهي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير بابت اشتعال انگيز بيان بازي جي حوالي سان اسان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته تاريخي حقيقتون، قانوني اصول، اخلاقي خدشا ۽ زميني حقيقتون ??ار?? جي بي بنياد دعوائن جي ??رد??د ڪن ٿا، ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون لاڳاپيل قراردادون واضح طور تي ان جي حتمي حل لاءِ گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ راءِ شماري جو پابند بڻائين ٿيون. ڪي به ??ار??ي بيان ان حقيقت کي نه ٿا بدلائي سگهن، تنهن ڪري ??ار?? کي گهرجي ته هو انهن قراردادن کي عملي جامعو پارائڻ تي ڌيان ڏي. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان ??ار??ي سياستدانن تي زور ڀريون ٿا ته اهي چونڊ مقصدن جي لاءِ پنهنجي ملڪي سياست ۾ پاڪستان کي گهيلڻ بند ڪن ۽ حساس اسٽريٽجڪ معاملن تي ذميواري جو مظاهرو ڪن، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ??ار??ي قيادت جي جارحاڻي بيان بازي جو نوٽيس وٺي ??يڪ?? علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو آهي. ترجمان چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن کي ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن حل طلب تڪرارن جي پرامن حل ۽ ٽڪراءُ کان تعاون طرف منتقلي جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو.