اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ آذ??بائيجان جي اعليٰ آڊٽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته بهترين آڊٽ طريقا هڪ ٻئي سان شيئر ڪرڻ سان شفافيت ۽ مالياتي احتساب وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه آذ??بائيجان جي چيمبر آف اڪائونٽس جي دوري تي آيل چيئرمين ووگر گل محمدوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پنهنجي وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان (اي جي پي) محمد اجمل گوندل ۽ اي جي پي جي عملدارن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پبلڪ سيڪٽر اڪائونٽنگ سرڪاري ادارن جي مالياتي انتظام جو اهم جز آهي. هن چيو ته آڊٽ سرڪاري خرچن ۾ شفافيت ۽ جوابدهي جي لاءِ اهم آهي. چيئرمين چيمبر آف اڪائونٽس آف آذ??بائيجان صدر کي ٻنهي ملڪن جي سپريم آڊٽ ادارن جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت بابت ٻڌايو. صدر چيو ته مفاهمت جي ياداشت سان پبلڪ سيڪٽر آڊيٽنگ جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيندو. هن آذ??بائيجان جي سپريم آڊٽ اداري جو جائزو وٺڻ ۾ آڊيٽر جنرل جي ڪردار کي ساراهيو. چيمبر آف اڪائونٽس آف آذ??بائيجان جي چيئرمين ووگر گل محمدوف صدر کي آذ??بائيجان جي سپريم آڊٽ انسٽيٽيوشن ۽ سپريم آڊٽ انسٽيٽيوشن آف پاڪستان جي وچ ۾ پبلڪ اڪائونٽس جي جائزه مفاهمت جي ياداشت بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته ايم او يو سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پاڪستان آذ??بائيجان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان – آذ??بائيجان لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخي ۽ عوامي رابطن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون مضبوط بڻائڻو پوندو. صدر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم ترقي جي لاءِ اهم آهي، پاڪستان ۽ آذ??بائيجان جي وچ ۾ تعاون خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ اهم آهي. صدر 7 فيبرور?? 2024ع جي چونڊن ۾ ٻيهر چونڊجڻ تي آذ??بائيجان جي صدر الهام عليوف کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اميد آهي ته پاڪستان ۽ آذ??بائيجان جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.