اسلام آباد – 19 – فيبروري (ا?? پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني مع??مل?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نيشنل پلان فار فلڊ ٽيلي ميٽري پروگرام تحت پوري ملڪ ۾ مختلف ننڍن وڏن دريائن تي 707 ٽيلي ميٽري اسٽيشن لڳايون وينديون. سينيٽ ۾ سينيٽر محمد همايون مهمند جي پاڻ?? وسيلن ۽ ٻوڏ جي صورتحال بابت رٿ تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني مع??مل?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ پاڻ?? وسيلن واري وزارت نيشنل فلڊ پرويڪشن پلان چار جوڙيو، ٽن سالن جي غور ويچار کانپوءِ ان پلان کي حتمي شڪل ڏني وئي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل 2 مئي 2017ع تي ان کي منظور ڪيو، ماڊل ريور ايڪڙ 2016ع ۾ منظور ڪري چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي هدايت ڪئي وئي ته پنهنجي ضرورتن موجب ان کي تبديل ڪري لاڳو ڪيو وڃي. هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ان کي لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، باقي صوبن ۾ منظوري مختلف مرحلن ۾ آهي، نيشنل پلان فار فلڊ ٽيلي ميٽري پروگرام تحت پوري ملڪ ۾ مختلف ننڍن وڏن دريائن تي 707 ٽيلي ميٽري اسٽيشن لڳايون وينديون، ان منصو??ي جي لاءِ پي سي ون ٺهي چڪي آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته 45 اسٽيشنز جي لاءِ جائيڪا تعاون جي خاطري ڪرائي آهي، پنجاب ۽ سنڌ پنهنجي سمورن بئراجز جي توسيع ۽ جدت تي تيزي سان ڪم جاري رکيو آهي، پنجاب ۾ اهو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ سکر ۽ گڊو بئراج تي ڪم جاري آهي، سنڌ ۾ 27 بلين جو فلڊ ڊيميج ريسٽوريشن پراجيڪٽ مڪمل ٿي چڪو آهي، 2018ع ۾ واٽر پاليسي جي سي سي آئي منظوري ڏني، فلڊ ڪميشن ان پاليسي جو فريم ورڪ ٺاهي منسٽري آف واٽر ريسورسز کي ڏئي ڇڏيو آهي، ان تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ جي حوالي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي هئي ته جون 2022ع ۾ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿيندي، اهي سڀ اندازا غلط ثابت ٿيا، پوري ملڪ ۾ 175 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿي، پنجاب ۾ سراسري طور 70 سيڪڙو وڌيڪ، سنڌ ۾ سراسري طور 425 سيڪڙو وڌيڪ، بلوچستان ۾ ساڍا چار سئو سيڪڙو ۽ گلگت بلتستان ۾ 107 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿي. هن چيو ته ٻوڏ دريائن ۾ وڌيڪ پاڻي جي وهڪري جي ڪري نه آئي، ٻوڏ برساتن جي ڪري ايندي آهي، ان جي گهرائي گهٽ ۽ ڦهلاءُ وڌيڪ هوندو آهي، انهي ڦهلاءُ جي ڪري وڌيڪ تباهي ٿي، انهي ڏس ۾ وزيراعظم آگسٽ 2022ع ۾ نيشنل فلڊ پروٽيڪشن پلان چار کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جو چيو، ايشيائي ترقياتي بئنڪ به حامي ڀري ۽ فني تعاون فراهم ڪيو، صوبن جي تعاون سان اپ ڊيٽڊ پلان تيار ٿي ويو آهي ۽ منظوري جي مرحلن ۾ آهي، فلڊ پروٽيڪشن سيڪٽر پراجيڪٽ ٿري ج?? پي سي ون منظور ٿي وئي آهي، اقتصادي مع??مل?? واري وزارت ان ڏس ۾ عالمي ڊونرز کان فنڊز جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ان کان اڳ پاڪستان ۾ پاڻ?? وسيلن ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن تي رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر ڊاڪٽ?? همايون مهمند چيو ته پاڪستان کي مستقبل ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٻوڏ ۽ پاڻي جي کوٽ درپيش رهندي، مستقبل ۾ ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. سينيٽر ثناء جمالي چيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائڻ گهرجي. سينيٽر فوزيه ارشد چيو ته عوام ۾ پاڻي جي استعمال بابت آگاه?? پيدا ڪرڻ گهرجي. سينيٽر رخسانه زبيري چيو ته پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي، پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ درپيش آهي، ان تي ڌيان ڏيڻو پوندو. سينيٽر مولوي فيض محمد ۽ سينيٽر ثانيه نشتر پڻ بحث ۾ حصو ورتو.