اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واپار ۽ صنعت واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته سرحدي علائقن ۾ خصوصي سيڙپڪاري رونز ۽ صنعتون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي ??ڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ افغان ??رانزٽ ٽريڊ معاهدي تحت واپار ۽ سرحدي ضلعن ۾ اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران ??فاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽريز، فرنٽيئر ڪور جي لاڳاپيل آءِ جيز، وفاقي سيڪريٽريز ?? لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي افغان ??رانزٽ ٽريڊ ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان رپورٽ تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پاڪستان ڪس??مز، ايف سي، ضلعي انتظاميا ۽ اين ايل سي جي سرحدي علائقن ۾ ڪارڪردگي کان ??ڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سموريون ايجنسيون گڏجي سرحدي علائقن ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻي رهيون آهن جنهن جي ڪري لکين ٽن غيرقانوني شين جي غيرقانوني درآمد روڪي ملڪي خزاني کي وڏي نقصان کان بچايو ويو. نگران ??زيراعظم هدايت ڪئي ته اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ تيز ڪري آئنده ان حوالي سان ??نعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ آگاهه ڪيو ??ڃي. نگران ??زيراعظم بلوچستان جي چيف سيڪريٽري کي سرحدي علائقن جي ماڻهن جا تفصيل جوڙي انهن کي هنرمند بڻائڻ ۽ روزگار جي فراهمي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي جلد جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران ??زيراعظم واپار ۽ صنعت واري وزارت کي هدايت ڪئي ته سرحدي علائقن ۾ خصوصي سيڙپڪاري زونز ۽ صنعتون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪري. نگران ??زيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي مڪمل روڪٿام جي لاءِ سمورا ادارا خاص طور تي فرنٽيئر ڪور، ڪس??مز ۽ ضلعي انتظاميا پنهنجي قدمن ۾ تيزي آڻين، اسمگلنگ جي ڪڌي ڪاروبار سان رڳو ڪجهه بااثر ماڻهن کي فائدو پهچي ٿو. هن چيو ته اسمگلنگ جي ڪري پوري پاڪستاني قوم نقصان کڻي رهي هئي ۽ حڪومت ان جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رکندي، اسمگلنگ جي ذريعي ماڻهن کي روزگار جا موقعا ڏيڻ جي ڀونڊي جواز جي آڙ ۾ ڪجهه ماڻهن کي ملڪ جي معيشت کي نقصان ??هچائڻ نه ڏينداسين، نگران حڪومت پنهنجي مدي جي آخري ڏينهن جي آخري لمحي تائين اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ قدم کڻندي رهندي. نگران ??زيراعظم هدايت ڪئي ته اين ايل سي چمن بارڊر تي پنهنجي اسڪيننگ ۽ چيڪنگ جي منصوبي کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪري. هن اها به هدايت ڪئي ته پاڪستان ڪس??مز سرحدي علائقن ۾ پنهنجي صلاحيت ۾ اضافو ڪري ته جيئن اسمگلنگ ۾ پڪڙيل عنصرن کي قانون موجب سزا ڏئي سگهجي، اسمگلنگ جي روڪٿام سان گڏوگڏ شهري علائقن ۾ ان ??ال جي طلب کي پڻ ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اها به هدايت ڪئي ته سرحدي ضلعن خاص طور تي حساس علائقن ۾ سٺي شهرت جا آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ پوسٽنگ ٽرانسفر جي شفاف سسٽم کي بحال ڪيو ??ڃي. نگران ??زيراعظم چيو ته افغانستان سميت ٻين ملڪن جن سان ??اڪستان جي ذريعي ٽرانزٽ ٽريڊ ٿئي ٿي، واپار واري وزارت ان جي سخت نگراني ڪري ?? لاڳاپيل عملدارن کي شين جي برآمد جي رجحانن جي حوالي سان آگاهه ڪري. هن سرحدي علائقن ۾ قانوني واپار کي فروغ ڏيڻ ۽ مڪمل دستياويزي ڪارروائي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن اها به هدايت ڪئي ته ڪارگو جي مانيٽرنگ جي لاءِ ايف بي آر جو ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم فعال ڪيو ??ڃي.