راولپنڊي-29 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري نگران وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي جي صدارت هيٺ آزاد ڄمون ڪشمير تي بين الوزارتي ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ آزاد ڄمون ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوار الحق، آ??ي وسيلن وارو وزير احمد عرفان اسلم ۽ لاڳاپيل وفاقي وزارتن جا آفيسر به گڏجاڻي ۾ شامل هئا. اجلاس ۾ وفاقي حڪو??ت ۽ لاڳاپيل وزارتن/ڊويزنن جي مشاورت سان آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت بابت معاملا بحث هيٺ آيا. سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ آزاد ڪشمير جي وزير، آ??اد ڪشمير جي توان??ئي ۽ آبي وسيلن وا??ي وزير ۽ قانون ۽ پارلياماني معاملن وا??ي وزير، آ??اد ڄمون ڪشمير جي چيف سيڪريٽري شرڪت ڪئي.