اسلام آباد- 18 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ ??يش??راڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان ناليواري ثقافتي ۽ ترقياتي تنظيم سورميون ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي ثقافت کي هٿي ۽ عورتن کي ??اا??تيار بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تنظيم جي ميمبرن ثقافت کي هٿي ۽ عورتن کي با اختيار بنائڻ ۾ اهم ڪردار تي وفاقي وزير جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي تعليم واري وزير معاشي ۾ هاڪاري تبديلي آڻڻ جي تنظيم جي عزم کي ساراهيو. وفاقي وزير سورميون جي ڪردار جي تعريف ڪئي جيڪا معاشريءَ جي به??ري لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي سورميون جي نمائندا گلناز شيخ، ندا ديو، شبانه سليم، پارس فاروق، عابده راز ۽ نجمه چانڊيو به موجود هيون. ملاقات ۾ عورتن کي ??اا??تيار بنائڻ ۽ موسمياتي تبديلي ۾ صنفي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن وفاقي وزير کي ٻُڌاي?? ته تنظيم پنهنجي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۽ قوم جي ثقافتي ۽ سماجي رابطن ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان سهڪار لاءِ تيار آهي.