راولپنڊي-22 نومبر (اي پي پي) اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ سي??يورٽي فورسز جي قافلي تي ديسي ساخته بم حملي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر مطابق سي??يورٽي فورسز جي قافلي تي بم حملي ۾ پاڪ فوج جو لانس نائيڪ احس??ن بادشاهه (عمر 33 سال، رهائشي ضلع ڪرڪ) ۽ لانس نائيڪ ساجد حسين (عمر 30 سال، رهائشي ضلع ڪرم) شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سي??يورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پر عزم ??هي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم ??ي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.