اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتض??ٰ سولنگي چيو آه?? ته پي آءِ اي جي موجوده صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پيدا ناهي ٿي، قومي فضائي ڪمپني جي نجڪاري پڻ نجڪاري جي فهرست ?? شامل آه??. سينيٽ ۾ پي آءِ اي جي صورتحال بابت سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير مرتض??ٰ سولنگي چيو ته پي آءِ اي جي صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پيدا ناهي ٿي، اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ به نجڪاري جو هڪ منصوبو ڏنو ويو نگران حڪومت ان تي عمل ڪري رهي آه??، پي آءِ اي ۾ ملازمن جو وڌيڪ انگ ۽ ڀرتين جو معاملو پڻ رڳو ڪنهن هڪ حڪومت سان لاڳاپيل نه آه??، حڪومت ۽ پارليامينٽ جو استحقاق آه?? ته اهي ڪهڙي طرح جي پاليسي اختيار ڪن ٿا، پي آءِ اي جي نجڪاري به نجڪاري جي فهرست ۾ موجود آه??. هن چيو ته پي ايس او به خودمختيار ادارو آه??، ا??و بنا پئسي جي ٻارڻ ڪيئن فراهم ڪندو وڏي مشڪل سان فنڊز جو انتظام ڪري رڪيل اڏامن کي بحال ڪرايو ويو آه??. هن چيو ته اهو معاملو ايندڙ اجلاس ۾ هوابازي واري نگران وفاقي وزير ۽ نجڪاري واري نگران وفاقي وزير جي موجودگي ۾ اٿاريو وڃي ته اهي بهتر جواب ڏئي سگهندا.