اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خطي کي گڏيل چئلينجز درپيش آهن جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ترقي ۽ خوشحال جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي هر ميمبر ملڪ سان ٻطر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميديا ??نگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ وزيرا??ظم هائوس ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ميمبر ملڪن جي رهائشي سفيرن سان ملاقات ڪئي. نگران وزيرا??ظم علائقائي ترقي جي لاءِ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اي سي او جي ميمبر ملڪن جي تاريخ ۽ ثقافت گڏيل آهي، اڄ خطي کي گڏيل چئلينجز درپيش آهن جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ نگران وزيرا??ظم رابطي، واپار، توانائي ۽ اقتصادي تعاون تي روشني وڌي. اي سي او جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان اي سي او جي هر ميمبر ملڪ سان ٻطر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هو 8 کان 9 نومبر 2023ع تائين تاشقند، ازبڪستان ۾ 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي اي سي او جي ميمبر ملڪن جي ملڪتي سربراهن سان پنهنجي ملاقاتن جو منتظر آهي. سفيرن پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪن جي خواهش ۽ اي سي او جي ويزن ۽ مقصدن جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو.