اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائد??عظ?? يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ ٽاپ پوزيشن هولڊرز کي ميڊلز ۽ ڪامياب شا??ردن کي ڊگريون ڏنيون، 10 هين ڪانووڪيشن 2023ع جو ??نعقاد ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيو، يونيورسٽي جي ڪل 7738 شا??ردن ۾ ڊگريون ورهايون ويون. 36 شا??ردن کي چانسلر ميڊلز جڏهن ته 232 شا??ردن کي وائيس چانسلر ميڊلز ڏنا ويا. قائد??عظ?? يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف سوشل سائنسز 2345، فيڪلٽي آف بائيولاجيڪل سائنسز 2218 ۽ فيڪلٽي آف سوشل سائنسز 3175 شا??ردن کي بي ايس، ايم ايس سي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏنيون ويون. ان موقعي تي تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي شا??ردن ۽ شا??ردياڻين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ت?? پاڪستان حڪومت جي پاليسي آهي ته تعليم کي هر سطح تي فروغ ڏنو وڃي ۽ آئون تحقيق ۽ تعليم جي وسيلن جي لاءِ حڪومتي حمايت جو يقين ڏياريان ٿو. هن تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ جو ??ڪر ڪندي چيو ته تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بنيادي سهولتن جي فراهمي انتهائي ضروري آهي. ان موقعي تي هن ٽيڪنيڪل تعليم جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. تقريب کي خطاب ڪندي قائد??عظ?? يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نياز احمد اختر چيو ته يونيورسٽي جي عالمي درجابندي کي بهتر بڻائڻ، پنهنجي وسيلن ۽ صلاحيتن کي پوري طرح سان استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي ٽاپ 200 يونيورسٽين ۾ پوزيشن حاصل ڪرڻ اسان جي هدفن مان هڪ آهي. ان کانسواءِ اسان جو مقصد ڪئمپس سروسز ۽ انتظامي عمل ۾ ڊيجيٽل سسٽم کي لاڳو ڪرڻ آهي. سندس چوڻ هو ته يونيورسٽي پنهنجي تعليمي پروگرامن جو نئين سر جائزو وٺي رهي آهي ته جيئن موثر شعبن جي نشاندهي ڪندي انهن کي نوڪرين جي گهرج سان هم آهنگ ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي سڃاڻپ کي علمي معيشت جي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. وائيس چانسلر يونيورسٽي جي 10 هين ڪانووڪيشن جي ڪامياب انعقاد تي استادن ۽ عملي سميت ڊگريون حاصل ڪندڙ سمورن معزز شا??ردن کي دلي مبارڪباد ڏني.