اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چين پا??ستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي پا??ستان جي ترقي ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت سي پيڪ منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش جاري رکيون آهن، سي پيڪ روڊ انفراسٽرڪچر، پاور سيڪٽرز ۽ صنعتي زونز ۾ 62 ارب ڊالر جي ڪامياب منصوبن جي شڪل ۾ اهم سنگ ميل حاصل ڪيو آهي، روڊ انفراسٽرڪچر، گرين انيشي اي??و، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ ايم ايل ون جي حوالي سان جلد سٺيون خبرون اينديون، نگران حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري عوام کي ريليف ??نو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا گڏجي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪري. بحريه يونيورسٽي ۽ چائنا ميڊيا گروپ جي اهتمام هيٺ سي پيڪ آرٽ نمائش کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چين پا??ستان اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) B2G کان B2B ۾ داخل ٿي چڪو آهي، سي پيڪ جي ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌيا آهن جڏهن ته چين ۽ پا??ستان جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته فن ۽ ثقافت جو انساني زندگين تي گهرو اثر پوي ٿو، اها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته نمائش ۾ نه رڳو فن کي پيش ڪيو پيو وڃي پر ان ۾ انٽريڪٽو ميڊيا کي به شامل ڪيو ويو آهي، اميد آهي ته ن??ين انٽريڪٽو ميڊيا نوجوانن کي پنهنجي طرف ڇڪيندي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاليسين تي عملدرآمد يقيني بڻائيندي حڪومت سلي پيڪ منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪوششون جاري رکيون آهن. هن بحريه يونيورسٽي ۽ چائنا ميڊيا گروپ کي آرٽ نمائش منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن سال اسان سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون، مون کي يقين آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون ن??ين بلندين تا??ين پهچندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين ۾ ٽ??ين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پا??ستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته روڊ انفراسٽرڪچر، گرين انيشي اي??و، ٽيڪنالاجي، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ ايم ايل ون جي حوالي سان سٺيون خبرون اينديون. مرتضيٰ سولنگي چيو ته موجوده نگران حڪومت جو وچن آهي ته جنهن حالت ۾ ملڪ مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ ڇڏي وينداسين. هن چيو ته اڄ ڪافي ماڻهن جي چهرن تي رونق آهي، نگران حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري عوام کي ريليف ??نو آهي، حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو پورو فائدو عوام کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا گڏجي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪن. هن چيو ته گذريل هفتي جمعي ڏينهن اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ بلند ترين سطح تي هئي، عالمي ادارا پڻ ايندڙ سال پا??ستان جي جي ڊي پي ۾ ٻيڻي اضافي جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش هجڻ گهرجي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿئي، ملڪ چونڊن طرف اڳتي وڌي. پا??ستان اڳتي وڌندو ته سي پيڪ جا فائدا به بهتر طريقي سان ملندا.