اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي 17 کان 18 آڪٽوبر تائين بيجنگ ۾ منعقد ٿيندڙ ??ال??ي تعاون جي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظ۾ بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي تق??يب ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم 18 آڪٽوبر تي ”هڪ کليل ??ال??ي معيشت ۾ رابطي“ جي عنوان سان منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ ۽ سينيئر چيني اڳواڻ کانسواءِ فورم ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم چي?? ۾ ??طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اهم چيني واپارين سان پڻ ملاقاتون ڪندو. هو چين جي سنڪيانگ خودمختيار علائقي ارومچي جو پڻ دورو ڪندو ۽ مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪندو جنهن جو مقصد واپار، سيڙپڪاري ۽ عوام جي و?? ۾ ??اڳاپن کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته نگران وزيراعظم جو جو دورو چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي جاري تق??يبن جو حصو آهي جيڪو چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو اهم منصوبو آهي. نگران وزيراعظم چي?? ۾ ??نهنجي مصروفيتن ۾ سي پيڪ جي اهم ڪاميابين ۽ مستقبل جي ترجيحن تي روشني وجهندو ۽ ان جي اعليٰ معيار جي ترقي کي گڏيل طور تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندو.