اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران ??ڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪري ٿي ۽ انهن تي عملدرآمد جاري رکندي، حڪ??متي خرچ گهٽ ڪرڻ، سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ، سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سميت اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اها ڳالهه هن ناڻي، توانائي ۽ ڪامرس وارن نگران وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ا??پڪس ڪميٽي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جو اڄ پهريون ڏينهن هو، ان ??جلاس جو ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ا??ف سي) جي ٽن وڏن مقصدن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ ۽ زراعت تي ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته اڄ ايس آئي ا??ف سي جي ا??پڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪ??متي خرچن ۽ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، نجڪاري جي عمل کي بهتر بڻائڻ ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام سميت ٻين مسئلن تي غور ٿيو. هن چيو ته حڪ??متي خرچ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوالي سان ??ڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو ۽ ويزا پاليسي ۾ به بهتري آندي ويندي. هن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران ??ڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪري ٿي ۽ انهن تي عملدرآمد جاري رکندي. هڪ سوال تي هن چيو ته گذريل حڪ??مت جيڪي فيصلا ڪري وئي آهي، اسان ??ي قانوني راءِ اها ئي آهي ته اسان ??نهن تي عملدرآمد ڪنداسين. ايس آئي ا??ف سي جي ا??پڪس ڪميٽي جي فيصلن جي حوالي سان ??وال تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اجلاس جاري آهي، اڄ پهريون ڏينهن هو، ان ??و ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو، ان ۾ ٿيندڙ فيصلن جا سمورا تفصيل ميڊيا آڏو اچي ويندا.