راولپنڊي-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته معروضي تربيت اسان جي پيشوراڻي مهارت جو حصو آهي، اسان کي قومي سلامتي کي درپيش ڪنهن به خطري کي مُنهن ڏين لاءِ هميشه تيار رهڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪور ڪمانڊرز ??ان??رنس کي خطاب ڪندي ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چي?? جي صدارت هيٺ 258هين ڪور ڪمانڊرز ??ان??رنس منعقد ٿي. ??ان??رنس ۾ ملڪ جي دفاع ۾ بهادر سپاهي جي مسلسل قربانين کي زبردس?? خراجِ تحسين پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي اندروني سلامتي جي موجوده صورتحال بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊرز ??ان??رنس ۾ فوج جي آپريشنل تيارين ۽ تربيت?? پهلوئن تي به غور ڪيو ويو. ??ان??رنس ۾ ٻُڌايو ويو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جا پاڙيسري ملڪ ۾ ٺڪاڻا آهن. ٽي ٽي پي ۽ ٻيا دهشتگرد گروپ پاڪستان ۾ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن. ڪور ڪمانڊرز ??ان??رنس ۾ فورم کي معاشي بحالي جي منصوبي، سيڙپڪاري، سهولت ڪائونسل ج?? دائره ڪار بابت آگاهه ڪيو ويو. زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، دفاعي پيداواري شعبن ۾ ترقي لاءِ فوج جي ڪاوشن تي بريفنگ ڏني وئي. ??ان??رنس ۾ شرڪت ڪندڙن حڪومت جي معيشت جي بحاليءَ لاءِ حڪمت عمليءَ کي هر ممڪن معاونت فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.