ڪراچي – 15 – جون (اي پي پي) پاڪ??تا?? پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري شهر قائد جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جيالا چونڊجڻ کي پارٽي جي لاءِ هڪ تاريخي ڪاميابي ۽ ان اڳڀرائي کي پوري پاڪ??تا?? جي فتح قرار ڏنو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاو?? ڀٽو زرداري مرتضيٰ وهاب صديقي کي ڪراچي جو ميئر ۽ سلمان ع??دالله مراد کي ڊپٽي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اها ڪاميابي ڪراچي جي جيالن جي ڊگهي جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر آهي. هن چيو ته ملڪ جي معاشي حب ۾ نفرت ۽ ورڇ جي سياست پنهنجي منطقي انجام تي پهتي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي جمهوريت بهترين انتقام آهي. چيئرمين بلاو?? ڀٽو زرداري ان ع??م جو ورجاءُ ڪيو ته ڪراچي هاڻي ترقي، امن ۽ ڀائيچاري جو گهوارو بڻجندو. هن چيو ته ڪراچي جي هر گهٽيءَ، پاڙي ۽ علائقي جا بلدياتي مسئلا بنا ڪنهن فرق جي حل ڪنداسين. هن چيو ته مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان ع??دالله مراد سميت پاڪ??تا?? پيپلزپارٽي جي سمورن چونڊيل نمائندن جي ڪلهن تي هاڻي وڏيون ذميواريون آهن، پر مون کي يقين آهي ته ماضي ۾ ڏکئي ترين حالتن جو مقابلو ڪندڙ ??يالا هن ڀيري به پنهنجون ذميواريون بهتر انداز ۾ نڀائي هڪ نئين تاريخ لکندا.