اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمداسحاق ڊار چيو آهي ته حڪو??ت ايندڙ مالي سال 24-2023ع دوران ورڪنگ جرنلسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ ۽ آرٽسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪندي. نجي نيوز چئنل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته رٽائرڊ وفاقي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ به 17.5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽر محمداسحاق ڊار چيو ته حڪومت وفاقي سرڪاري ملازمن کي ايڊهاڪ رليف الائونس جي شڪل ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين لاءِ 35 سيڪڙو جڏهن ته گريڊ 22-17 تائين لاءِ 30 سيڪڙو جو رليف ڏنو پيو وڃي. انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جي حوالي سان وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪو??ت انهن طرفان روڪ رقم ڪڍرائڻ تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ٻيهر لاڳو ڪيو آهي. پگهاردار طبقي لاءِ رليف قدمن جو اعلان ڪندي اسحاق ڊار چيو ته حڪومت وڌندڙ مهانگائي سبب انهن جي مالي مشڪلاتن جو احساس ڪندي پگهارن ۾ ايڊهاڪ بنيادن تي 30 ک??ن 35 سيڪڙو ۽ وفاقي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. هن چيو ته ايڊهاڪ رليف ڏيڻ جو مقصد خريداري جي قوت ۾ ا??افو ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري (آءِ سي ٽي) ۾ گهٽ ۾ گهٽ پينشن کي 12 هزار روپيا ۽ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار ڏهاڙي 25 هزار روپين کان وڌائي 32 هزار روپيا ڪرڻ جي تجويز کي به بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.