اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان سدائين عدليه جي توهين ڪئي، ڪڏهن به قانون جي پاسداري نه ڪئي، هو سمجهي ٿو ته ڪير ان کان پڇي نه ٿو سگهي، عمران خان جي گر??تاري قانون موجب هئي، ان سان عام شهري جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. ”اسڪائي نيوز“ کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان تي ڪرپشن جا الزام هئا، ان جي گر??تاري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، اها گر??تاري نيب جي ۽ قانون موجب هئي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان سياسي انتقام تي يقين ن?? ٿا رکون، عمران خان کي گر??تار يا خاموش ڪر??و هجي ها ته اسان 14 مهينا انتظار نه ڪريون ها. عمران خان جي نااهلي بابت سوال جي جو??ب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان عمران خان کي نااهل ڇو ڪرائڻ چاهينداسين؟ ڪا به جمهوري حڪومت ائين ڇو ڪندي؟ البته عمران خان پنهنجي دور ۾ سياسي اڳواڻن کي گر??تار ڪيو، جيلن ۾ وڌو ۽ انهن جو آواز بند ڪر?? جي ڪوشش ڪئي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عدالتي حڪم جاري ٿيڻ کانپوءِ اهو ان جو آئيني حق آهي ته هو ان آرڊر جو جائزو وٺي يا ان تي ڳالهه ڪري. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ٽن ڏينهن دوران ڪو پرامن شهري رستن تي نه هو، رڳو هٿياربند جٿا ۽ دهش??گر?? موجود هئا جن رياستي ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچايو.