اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پاڪستان سوڊان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ?? چي?? ويو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي انه?? ڪوششن جي آجيان ۽ حمايت ڪري ٿو جنهن جو مقصد جده ۾ سوڊاني هٿياربند فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز جي نمائندن جي وچ ۾ گهٽ مدي واري جنگ بندي جي معاهدي تائين پهچڻ ۽ تڪرار کان متاثر ماڻهن کي هنگامي انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڳالهين کان اڳ سهولت فراهم ڪرڻ آهي. بيان ۾ وڌيڪ چي?? ويو آهي ته پاڪستان سوڊان جي صورتحال جي ڳالهين ۽ مشاورت جي ذريعي سياسي حل جي لاءِ پنهنجي اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو.