اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي تقريبن جي موقعي تي يادگاري ??اڪ ٽڪي?? ۽ ??ووينئر جاري ڪيو آهي. 20 روپيه ماليت جو يادگاري ??اڪ ٽڪيٽ 56 ملي ميٽر سائيز جو آهي ۽ 15 مارچ کان ملڪ جي سڀني اهم پوسٽ آفيسن ۾ وڪري لاءِ دستاب هوندو. ??اڪ ٽڪيٽ سان 50 سووينئر شيٽ به جاري ڪيو آهي. پاڪستان پوسٽ اهم قومي موقعن تي يادگاري ٽڪيٽ جاري ڪندو آهي. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني مينيجر فليٽلڪ بيورو ڪراچي جي پي او، يا مينيجر نيشنل فليٽلڪ بيورو، اسلام آباد جي پي او مان ??اڪ ٽڪيٽن لاءِ را??طو ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته درخواست سان بينڪ ڊرافٽ يا ڪراسڊ چيڪ هئڻ گهرجي. پاڪستان پوسٽ اهم قومي ۽ عالمي موقعن تي مختلف يادگاري ??اڪ ٽڪيٽ جاري ڪندو آهي جنهن ۾ عظيم شخصيتن ۽ انهن جي ڪاميابين کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي. ان تاريخي موقعي کي يادگار بنائڻ لاءِ سينيٽ آف پاڪستان به 15 کان 17 مارچ 2023ع تائين پارليامنٽ هائوس ۾ هڪ ??اريخي ٽن ڏينهن وارو اجلاس گهرايو، جيڪو واقعي هڪ يادگار سفر جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن جي شروعات سينيٽ ڪيترائي سال اڳ ڪئي هئي. 1973ع جو سال پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ 1973ع جي آئين جي شڪل ۾ هڪ ??ئيني دور جي نشاندهي لاءِ نمايان رهندو. پاڪستان سينيٽ جي گولڊن جوبلي هڪ متحد، هم آهنگ ۽ سٺي طرح سان مربوط فيڊريشن جي طور تي 5 ڏهاڪن تي ٻڌل اسان جي قومي جدوجهد ۾ هڪ ??هم سنگ ميل آهي.