اسلام آباد- 08 ڊسمبر (اي پي پي) ??وس??ياتي تبديلين واري وفاقي وز??ر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ ??وس??ياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي پائيدار ۽ ماحول دوست گهرن جي تعمير جي حوصلا افزائي لاءِ سازگار پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي، تازي ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي تباهي آندي آهي جنهن سان لکين گهر تباهه ٿيا آهن ۽ معيشت کي 1.2 کرب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، ان لاءِ اهو ضروري آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ماحول دوست ۽ گرين هائوسز کي هٿي ڏيڻ لاءِ نيون پاليسيون ٺاهڻ تي ڌيان ڏئي ٻوڏ ۽ آبهوا جي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ خطرن کي گهٽ ??ري سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ شهري آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اهو رجحان برقرار رهيو ته مستقبل ۾ 60 سيڪڙو آبادي شهري علائقن ۾ رهندڙ هوندي تنهن ??ري اهو ضروري آهي ته شهرن ۾ بهتر ميونسپل سروسز سان گڏ پائيدار اربنائيزيشن کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن شهري آبادين تي دٻاءُ گهٽ ??ري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ منسٽري آف هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل پهرين انٽرنيشنل هائوسنگ ايڪسپو جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو، جيڪو 8 کان 11 ڊسمبر 2022ع تائين جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ جاري رهندو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي اعزازي مهمان طور تقريب کي ??طاب ڪندي چيو ته تعميراتي صنعت جو معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي تنهن ??ري هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ حڪومت نجي شعبي جي مشاورت سان تعميراتي صنعت جي بهتر ترقي لاءِ وڌيڪ ساز گار پاليسيون جوڙين. هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي سيڪريٽري افتخار علي شانواني پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماڻهن کي ??ستا گهر فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميداري آهي تنهن ??ري حڪومت نجي شعبي جي تعاون ۾ ان طرف اڳڀرائي ڪرڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي آذربائيجان جو سفير خضر فرهادوف، ايٿوپيا جو سفير جمال بيڪر عبدالله، اسپين سفارتخاني جو نمائندو، آءِ سي سي آءِ جي اڳوڻن صدرن، ايگزيڪيٽو ميمبرن، نمائش ڪندڙ ۽ بزنس ڪميونٽي جو هڪ وڏو انگ موجود هو.