اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ ٽيسٽ مئچ ڏسڻ راولپندي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ويو. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي پڻ ان موقعي تي صدر سان گڏ هئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ ??وج?? صدر چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ مئچ پاڪستان ۾ عالمي راندين جي مڪمل بحالي جو مظهر آهي، ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ ڪرڪيٽ جي و??پسي سان صحتمند روين جي فروغ ۾ مدد ملندي. صدر ٽيسٽ مئچ جي پهرين ڏينهن انگلينڊ جي شاندار ڪ??رڪ??دگي کي ساراهيو.