اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته حڪومت هاڻوڪي ٻوڏ جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل ص??ت جي بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. بيان مطابق عبدالقادر پٽيل برلن ۾ معاشي طور تعاون جي با??ي ۾ جرمن پارليامينٽري، اسٽيٽ سيڪريٽري، باربل ڪوفلر سان ملاقات دوران چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ غير معمولي قدرتي آفتن سبب صحت جي بنيادي ڍانچو مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ صحت جي نظام جي بحالي لاءِ عالمي برادري جي امداد جي ضرورت آهي. معاشي معاملن ج?? تعاون جي با??ي ۾ باربل ڪوفلر يقين ڏياريو ته جرمني پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان مڪمل تعاون جاري رکندو. ان موقعي تي پاڪستان جو سفير ڊاڪٽر محمد ??يص?? پڻ موجود هو.