اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم، وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، گورنرز ۽ ميڊيا کي لکيل خطن جي ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر باب?? آگاهي مهم ۾ انهن کي فعال شرڪت جي دعوت ڏيندي عورتن ۾ موذي مرض بابت پاڻمرادي م??ائ??ي ۽ جلد تشخيص جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ تعاون جي اپيل ڪئي آهي. صدر انهن کي هن سال ڇاتيءَ جي ڪينسر باب?? آگاهي مهم ۾ فعال ۽ رضاڪاراڻي طور حصيدار بڻجڻ جي دعوت ڏني جنهن ۾ پٺتي پيل طبقن جي عورتن ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن تي خاص طور تي ڌيان ڏنو ويندو جتي عورتون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيون آهن. صدر ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪي?? ته پاڪستان ۾ هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر جا اٽڪل هڪ لک نوان ڪيسز رپورٽ ٿين ٿا، جن مان اڌ عورتون دير سان تشخيص جي ڪري فوت ٿي وڃن ٿيون. هن وڌيڪ چي?? ته انهن قيمتي جانين مان 98 سيڪڙو کي پاڻمرادي م??ائ??ي ۽ جلد تشخيص باب?? آگاهي پيدا ڪري بچائي سگهجي ٿو. صدر ٻڌاي?? ته خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي جي قيادت ۾ گذريل چار سال جي بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم جي نتيجي ۾ اسپتالن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز جي شروعاتي رپورٽنگ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. ناليوارن صحافين جي نالي پنهنجي خطن ۾ هن گذريل چار سال دوران مسلسل تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا ۽ چي?? ته انهن جي قدر جوڳي تعاون ۽ فعال حصيداري کانسواءِ مهم جي ڪاميابي ممڪن نه هئي. هن ميڊيا پرسنز تي زور ڏن?? ته اهي هن سال به پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن ته جيئن ٽارگيٽ عورتن کي نيوز بليٽنز، خصوصي رپورٽس، ڊرامن، مارننگ شوز، مضمونن، ڪالم ۽ ايڊيٽوريلز جي ذريعي پاڻمرادي م??ائ??ي ۽ جلد تشخيص جي بنيادي اهميت باب?? آگاهي فراهم ڪري سگهجي. صدر عورتن کي تعليم ڏيڻ ۽ پاڻ تشخيص ۽ مرض بابت جلد پتو لڳائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن سال جي لاءِ ڪيترين ئي سرگرمين بابت به ٻڌايو. هن وڌيڪ چي?? ته هن سال جي آگاهي مهم پٺتي پيل طبقن ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن جي عورتن جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي اهميت کي به اجاگر ڪندي. صدر انهن تقريبن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڏن?? ته ميڊيا عورتن کي پاڻمرادي م??ائ??ي جي لاءِ آگاهي ۽ حوصلا افزائي جي لاءِ هڪ ٺوس آگاهي مهم شروع ڪري ۽ رضاڪاراڻي طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد تشخيص سميت صحت بابت مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ صحتمند خو??اڪ جي اهميت جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪري. واضح رهي ته آڪٽوبر ڇاتيءَ جي ڪينسر باب?? آگاهي جو مهينو آهي، ان دوران ڇاتيءَ جي ڪينسر جي اثرن، ان کان بچاءُ، جلد تشخيص ۽ علاج باب?? آگاهي پيدا ڪئي وڃي ٿي.