اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي ملازمن ۽ آفيسرن پرائيم منسٽر ريليف فن?? ۾ ??ضاڪاراڻي طور تي عطيو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي اپيل تي اطلاعات واري وزارت ۽ ذيلي ادارن جي گريڊ 1 کان 16 تائين جا ملازم پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار رضاڪاراڻي طور تي تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر عوام جي مدد لاءِ قائم ريليف فن?? ۾ ??مع ڪرائيندا. جڏهن ته گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جا سڀئي آفيسر پنهنجي 7 ڏينهن جي پگهار پرائيم منسٽر فلڊ ريليف فن?? ۾ ??طيو ڪندا. اطلاعات واري وزارت جي ملازمن ??يو آهي ته اطلاعات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جا ملازم هن مشڪل وقت ۾ حڪومت ۽ متاثر عوام سان گڏ بيٺل آهن. وزارت جا سمورا ملازم ۽ آفيسر ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي بحالي ۽ ٻوڏ متاث??ين جي مدد لاءِ وزيراعظم ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير جي اپيلن تي امدادي رقم فلڊ ريليف فن?? ۾ ??مع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.