اسلام آ??اد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير راڻا ث??اءُ الله جي خصوصي هدايتن تي جشن آزا??ي جي 75 سالا تقريبن جي لاءِ اسلام آ??اد ڪيپيٽل پوليس پهريون ڀيرو سمورن صوبن جي پوليس کي گهرايو آهي. سمورا صوبائي پوليس جا دستا آزادي ڏهاڙي جي خصوصي تقريبن ۾ حصو وٺندا. پاڪستان جي 75 هين آزا??ي جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان ملهايو ويندو. سمورن صوبن مان پوليس جا خصوصي دستا ۽ بينڊ بشمول پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان اسلام آ??اد پهچي ويا آهن. 13 ۽ 14 آگسٽ تي عوامي جاين تي فليگ مارچ ڪيو ويندو. مارچ ۾ سمورن صوبن جا پوليس بينڊ قومي نغمن جون ڌُنون وکيريندا. اهي تقريبون صوبائي هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي جو اظهار هونديون. جشن آزادي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ آزا??ي جي لاءِ قرباني ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو.