ملتان – 02 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ميمبر احمد حسين ڊيهڙ چيو آهي ته ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي تحريڪ آڏو گوڏا کوڙڻڻا پوندا. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پوري دنيا تسليم ڪري ??رتو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ هلندڙ آزادي جي تحريڪ جي قيادت مقامي نوجوان ڪري رهيا آهن. آزادي جي تحريڪ وقت گذرڻ سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿيندي پئي وڃي. احمد حسين ڊيهڙ چيو ته ڀارتي حڪومت رياست جي آبادي جي شڪل ۽ ڀارت ۾ اقليتي برادري?? جي حقن کي تبديل ڪرڻ جي گمراهه ڪندڙ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته يورپ ۽ اتر آمريڪا جي ڪي??رن ئي ملڪ?? جي پارليامينٽن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڀارتي ظلمن تي بحث ٿي رهيا آهن ۽ ا??هن ملڪن ۾ عوامي حمايت ڪشميرين سان گڏ آهي. هن چيو ته دنيا ان ڀارتي بيانيي کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته هو ??رحد پار کان رياستي دهشتگردي جو شڪار آهي پر وڏي پئماني تي تسليم ڪيو ويو آهي ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار آهي ج??هن ۾ ڀارت جي سرپرستي به شامل آهي. قومي اسيمبلي ميمبر چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي م??هن ڏيڻ ۾ ساراهه جوڳيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.