اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي ٽيڪس ن??ٽ کي وسيع ڪرڻ لاءِ شگر ملن مان وڏي مقدار ۾ کنڊ خريد ڪندڙ غي?? رجسٽرڊ هول سيلرز، ڊيلرز ۽ ڊسٽريبيوٽرز کي ٽيڪس ن??ٽ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٽيڪس ادائيگي وڌائڻ لاءِ محتسب جي سفارشن کي کنڊ جي سڄي شعبي تي لاڳو ڪيو وڃي، ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهي هداي??ون وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪمن جي خلاف ايف بي آر پاران داخل 25 هڪجهڙين درخواستن کي اڪلائيندي جاري ڪئي جنهن ۾ ايف بي آر کي هدايت ڪئي وئي ته کنڊ جي غي?? رجسٽرڊ خريدارن کي وڏي پئماني تي ٽيڪس ن??ٽ ۾ آندو وڃي ته جيئن سيل ٽيڪس جي وصولي کي بهتر بڻائي سگهجي، هن چيو ته مشاهدي ۾ آيو آهي ته وڏي مالياتي ڏي وٺ ڪرڻ، ايف بي آر سان پنهنجي ڊيٽا جي باوجود کنڊ جا اهي غي?? رجسٽرڊ خريدار گهڻو ڪري ٽيڪس ن??ٽ کان ٻاهر رهيا ۽ ٽيڪس جي ادائيگي جي قومي ذميداري کان بچي رهيا آهن، هن ايف بي ار کي هدايت ڪئي ته کنڊ جي غي?? رجسٽرڊ خريدارن کي ٽيڪس ن??ٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن انهن کان سيلز ٽيڪس جي وصولي ڪئي وڃي، صدر چيو ته ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز غي?? رجسٽرڊ خريدارن جي معلومات گڏ ڪرڻ ۾ چوڪس ناهن، ايف بي آر ملن کان ماهوار سيلز ٽيڪس گوشوارن تي مطئمن آهي، ڊيٽا جي جاچ نه پئي ڪئي وڃي، هن چيو ته ايف بي آر وٽ شگر ملن جي بئنڪ اڪائونٽس مان ڏي وٺ جا به تفصيل موجود آهن، صدر چيو ته ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز شگر ملن جي ڊيٽا جو وقت سر تجزيو ڪري خريدارن جا تفصيل حاصل ڪري سگهي ٿي، ايف بي آر جي پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ غفلت ۽ نااهلي بدانتطامي جي برابر آهي، ٽيڪس ادائيگي وڌائڻ لاءِ محتسب جي سفارشن کي پوري کنڊ جي شعبي تي لاڳو ڪيو وڃي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته هو 90 ڏينهن ۾ ٽيڪس محتسب کي عملدرآمد جي جامع رپورٽ پيش ڪري، صدر ايف بي آر جي وفاقي ٽيڪس محتسب جي هدايتن جي خلاف 25 درخواس??ون رد ڪندي چيو ته ايف بي آر وٽ ڊيٽا جي دستيابي جي باوجود وڏي مقدار ۾ کنڊ جا خريدار ٽيڪس ن??ٽ کان ٻاهر آهن، ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ کنڊ جي وڏن خريدارن ۽ غي?? رجسٽرڊ ڊيلرز کي ٽيڪس ن??ٽ ۾ آندو وڃي، هن چيو ته کنڊ جا غي?? رجسٽرڊ خريدار ٽيڪس ادائيگي جي قومي ذميداري ادا نه ڪري رهيا آهن، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته محتسب مختلف پرائيوٽ شگر ملن مان کنڊ جي غي?? رجسٽرڊ خريدارن کي ٽيڪس ن??ٽ ۾ آڻڻ لاءِ جاچ جو آغاز ڪيو هو، ان حوالي سان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شگر ملن وٽ کنڊ جي سپلائي ۽ خريدارن جو رڪارڊ هجڻ جي باوجود ايف بي آر ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ تي ڌيان ناهي ڏنو. رپورٽ موجب ايف بي آر شگر ملن جي ڊِيٽا جو تجزيو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ٽيڪس ن??ٽ ۾ شامل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، محتسب ايف بي آر کي هدايت ڪئي هئي ته هو غي?? رجسٽرڊ ماڻهن کي ٽيڪس ن??ٽ ۾ شامل ڪري، جنهن تي ايف بي آر وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪمن جي خلاف صدر وٽ درخواست داخل ڪئي هئي.